ساهڙ فقير خاصخيلي

ساهڙ فقير خاصخيلي

ساهڙ فقير خاصخيلي

ساهڙ فقير خاصخيلي: نڙ بيت جي نامور فنڪار ساهڙ فقير خاصخيلي جو اصل نالو محمد ساهڙ آهي. هن 1955ع ڌاري ضلعي بدين ۾ کڏهري لڳ ڳوٺ ميهار خاصخيلي ۾ جنم ورتو. مقامي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو پر غربت سبب ٻن سالن بعد اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنائين. کيس ننڍپڻ کان ئي نڙبيت جو شوق رهيو. سندس علائقي ۾ سانوڻ فقير جي نڙبيت جي حوالي سان هاڪ هئي. هن مختصر عرصي ۾ نڙ بيت جي فن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي. سنڌ کان سواءِ بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ پڻ شريڪ ٿيو. سڄيءَ سنڌ جي ميلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ ٻيا انعام پڻ ملي چڪا آهن. پاڻ پنهنجي سنگ سان شاهه لطيف، قلندر لعل، سمن سرڪار، سانوڻ فقير ۽ ساجن سوائي جي ميلن تي چونڪي پڻ ڏيندو آهي. هن وقت تلهار لڳ ڳوٺ چڀڙ خاصخيليءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ساهڙ فقير خاصخيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو